بغاوت ڪيس، گِل جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد، جيل حوالي

بغاوت ڪيس، گِل جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد، جيل حوالي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد پوليس ادارن خلاف بغاوت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي وڌيڪ رمانڊ جي درخواست ڪري ڇڏي. ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد شهباز گل کي سخت سڪيورٽي ۾ ايف 8 ڪورٽ پهچايو ويو. اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته اسلام آباد پوليس هر روز جوابدار شهباز گل کان پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته 48 ڪلاڪن جي ريمانڊ دوران فون، 4 يو ايس بي ۽ جوابدار جي ڪمري جي تلاشي ورتي وئي، اڃا ڪجهه سوالن جا جواب گهربل آهن، شهباز گل وٽان استعمال ڪيل اهم موبائيل فون هٿ اچڻ جو امڪان آهي. جج چيو ته پهرين ريمانڊ ۾ پولي گرافڪ ٽيسٽ جي درخواست نه ڪئي وئي؟ جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته گذريل رمانڊ ۾ ڪا به درخواست ناهي ڏني وئي، جنهن ريمانڊ تي معطل ڪيو ويو اهو ريمانڊ ۾ هو، واقعي ۾ استعمال ٿيل موبائيل فون اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي. ڊيوٽي جج چيو ته آرڊر چئي رهيو هو ته پولي گرافڪ ٽيسٽ اسلام آباد ۾ ڪرايو وڃي، جنهن تي رضوان عباسي چيو ته اهو شايد ڪنهن جو لفظ آهي، جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ڪيو وڃي ته هتان کان ئي ڪرائينداسين. ڪيو ويو آهي پر اڃا ڪجهه جاچ ٿيڻ باقي آهي، جوابدارن کان ڪجهه وصولي ۽ جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي اسلام آباد پوليس شهباز گل جي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته هٿيار ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ جي درخواست آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جو عدالت ٻاهران احتجاج
ان موقعي تي پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عدالت جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن عدالت ٻاهران سخت نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي نواز عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت طلب ڪندي چيو ته شهباز گل تي تشدد ڪيو پيو وڃي، اسان کي ٻڌڻ جي به اجازت ناهي ڏني پئي وڃي، اسلام آباد پوليس گلو بٽ بڻجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو