پمز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ شهباز گل کي فٽ قرار ڏئي ڇڏيو

پمز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ شهباز گل کي فٽ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي پمز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي ٺيڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب پمز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ شهباز گل جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ صحتياب، مڪمل ۽ مڪمل فٽ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز گل کي ڪنهن به وقت اسپتال مان ڊسچارج ڪري سگهجي ٿو.ذريعن موجب شهباز گل جا 10 مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا، جن ۾ ڪورونا ٽيسٽ به شامل آهي، سندس سمورا ٽيسٽ ڪليئر ٿي ويا آهن.ان کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ جا 6 مختلف ايڪسري پڻ ڪرايا ويا، رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي تشدد جا ثبوت نه مليا.ذريعن موجب اسلام آباد پوليس فٽ قرار ڏيڻ باوجود شهباز گل کي اسپتال مان پوليس اسٽيشن منتقل ڪرڻ جو فيصلو نه ڪري سگهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽرن پوليس اهلڪارن کي اسپتال ۾ شهباز گل کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شهباز گل مڪمل طور تي صحتياب آهي پر هو اسپتال ۾ کانئس جاچ نٿا ڪري سگهن.ذريعن موجب پوليس شهباز گل کي سوڀ اسپتال مان ڪچري بخشي خاني منتقل ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ چاهي ٿي، جتي هو وڌيڪ رمانڊ جي درخواست ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو