اسلام آباد (بيورو)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي پمز اسپتال پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي صحت کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس دل جو ڪو مسئلو ناهي. گذريل ڏينهن شهباز گل کي طبي معائني لاءِ اڊيالا جيل مان پمز اسپتال جي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو هو ۽ سندس چيڪ اپ لاءِ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جو 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي.شهباز گل جو ڪارڊيڪ سينٽر ۾ ابتدائي طبي معائنو ڪيو ويو ۽ اسپتال ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ جي صحت تسلي بخش آهي.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز گل جي رت جي ٽيسٽ ۽ اي سي جي ڪئي وئي، شهباز گل جي دل جي ڌڙڪن رات دير سان تيز هئي، گذريل رات سندس اي سي جي رپورٽ سٺي نه هئي، اي سي جي ٻيهر ڪئي ويندي.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ پريشاني سبب دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي آهي پر کين دل جي ڪا به تڪليف ناهي.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ اڄ شهباز گل جو ٻيهر معائنو ڪندو، جنهن دوران شهباز گل جي ٻيهر ٽيسٽ جو امڪان آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جي مجموعي ميڊيڪل رپورٽ اڄ گڏ ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ شهباز گل کي ڊسچارج ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.










