ٽيئر فنڊ پاڪستان پاران 300 کان وڌيڪ غريب خاندانن ۾ ضروري سامان تقسيم

ٽيئر فنڊ پاڪستان پاران 300 کان وڌيڪ غريب خاندانن ۾ ضروري سامان تقسيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيلاب سبب ضلعي ڪيماڙي ۽ ملير، ڪراچي جي 300 انتهائي خاندانن ۾ 17 آگسٽ 2022 تي ٽيئر فنڊ پاڪستان پاران ضلعي حڪومتن ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ ڪميشن بورڊ جي تعاون سان ضروري ۽ غير خوراڪي شيون ورهايون ويون. خاندانن جي سڃاڻپ يوسي معين آباد ڊسٽرڪٽ ملير، يوسي 37 بلديه ڊسٽرڪٽ ڪياماڙي ڪراچي مان ضرورت ۽ فائدو حاصل ڪندڙن جو جائزو وٺڻ جي ذريعي ڪئي وئي. جن ۾ عورتن جي سربراهي ڪندڙ بزرگ ماڻهو ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ فرد (PWDS) گهرن، معذور ماڻهو جيڪي پنهنجي ڪاروبار وڃائي چڪا آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر مراد عباسي اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري جو چوڻ هو ته غريبن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. جڏهن ته برسات جي پهرين سپيل ۾ ورهائڻ دوران جناب ساجد گلزار پراجيڪٽس ڊائريڪٽر ٽيئرفنڊ چيو ته مون سون جي ڊگهي برساتن پوڻ سبب گهرن ۽ انفرا اسٽڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ گهرن ۾ ماڻهن کي رهڻ تي مجبور ڪيو جنهن سبب روزاني ڏهاڙي ڌار طبقي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور خاندان14-12 ڏينهن جي حساب سان ضروري خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان موقعي تي ايس ايس ڊبليو ايم بي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جناب طارق نظاماڻي چيو ته گهڻي برسات سبب اسان سڀئي متاثر ٿيا آهيون ۽ خاندانن کي ضروري مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيئر فنڊ جي ڪوششن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو