ضلعي انتظاميه جي پت وائکي، ايمرجنسي وارڊ جي ڇت ڪري پئي

ضلعي انتظاميه جي پت وائکي، ايمرجنسي وارڊ جي ڇت ڪري پئي

دادو(ن سنڌيار)دادو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي ڇت جي فارسلنگ ڌماڪي سان مريض مٿان ڪري پئي ايمرجنسي وارڊ جي فارسيلنگ مٿان ڪرڻ سبب زير علاج مريض انور پٽ احمد خان جتوئي زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڇت ۾ لڳل پکو، بيڊ ڀڄي پيا، مريضن ۽ عملي ۾ ڀاڄ پئيجي وئي،زخمي ٿيل مريض ڪچي جي ڳوٺ ڪيٽي جتوئي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي سول اسپتال دادو جي ايمرجنسي وارڊ جي فارسلنگ ڏيڍ سال اڳ ئي لڳائي وئي هئي اسپتال ۾ ناقص مٽيريل سبب برساتن ۾ فارسلنگ ڪري پئي آهي سڄاڻ ڌرين پاران معاملي جي جاچ ٿيڻ جي گهر ڪئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو