اسلام آباد( بيورو) ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 29 آگسٽ تي مسودي جي منظوري ڏيندو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جي معاهدي لاءِ رضامندي ظاهر ڪرڻ جي شرطن جي مسودي جو جائزو ورتو پيو وڃي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مسودي جي ڪاپي اڄ پاڪستان کي موڪليندو، جنهن کانپوءِ ناڻي وارو وزير ۽ وقتي گورنر حتمي مسودي تي صحيح ڪري اڄ ئي واپس موڪليندو. ناڻي واري وزارت موجب آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 29 آگسٽ تي مسودي جي منظوري ڏيندو، منظوري کانپوءِ آگسٽ ۾ 17 ارب ڊالرن مان هڪ ٽيون حصو پاڪستان منتقل ڪيو ويندو.










