ديوان ۽ مينگهواڙ برادري هڪٻئي مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ديوان ۽ مينگهواڙ برادري هڪٻئي مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر بااثرن سيٺن پاران خانپورمهر پوليس ذريعي مبينا نوجوان تشدد واري توڙي ناري کي حراسان ڪرڻ واري درخواستن گهوٽڪي جي عدالت۾ ٻڌڻي. ايس ايس پي گهوٽڪي پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏيو. عدالت پاران وجي ڪمار تي تشدد ڪندڙ بااثرن سيٺن ۽ايس ايڇ او خانپور مهر ۽هڪ پوليس اهلڪار سميت 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. ايس ايڇ او خانپور مهر کي هٿ ڪهڙيون هنن جو حڪم. ايس ايڇ او ۽بااثرن سيٺن عدالت مان فرار. عدالت ناري کي حراسان ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٻنھي ڌرين مٿان عدالت حڪم تي خانپورمهر ٿاڻي تي ڪيس داخل، عدالتي ڪارروائي دوران ايس ايڇ او کيس معطل ڪيو ويو، ايس ايس پي جي انڪوائري رپورٽ پي ڊي ايس پي جمع ڪرائي،آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، خبرموجب، خانپورمهر ۾ اٽڪل 17 ڏينهن اڳ بااثرن سيٺن پاران خانپورمهر پوليس ذريعي مبينا تشدد ڪرايل نوجوان وجي ڪمار وارو معاملو. گهوٽڪي جي عدالت ۾ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنھن ۾ نوجوان وجي ڪمار ۽سندس وارثن ۽ وڪيل جڏهن ته الزام هيٺ آيل بااثرن سيٺن امبريش ڪمار. موتي ڪمار. بچارام. هريش ڪمار بچارام ۽ سندس وڪيل. ايس ايڇ او خانپور مهر اربيلو سانگري. پي ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو ٻيا پيش ٿيا. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي پاران ڪرايل معاملي جي جاچ پي ڊي ايس پي جمع ڪرائي، ڌرين جي وڪيلن پاران پنهنجا پنهنجا دليل پيش ڪيا ويا جنهن کانپوءِ عدالت جي هلندڙ ڪاروائي دوران عدالت ايس ايس ايڇ او خانپور مهر کي هٿ ڪهڙيون ھڻڻ جو حڪم ڏنو جنهن گرفتاري جي ڊپ کان ايس ايڇ او خانپورمهر اربيلو سانگري کسڪي ويو جڏهن تہ عدالت پاران وجئي ڪمار واري پٽيشن تي حڪم ڏيندي ايس ايڇ او خانپورمهر اربيلو سانگري توڙي بااثرن سيٺن امبريش ڪمار. موتي ڪمار. بچارام. هريش ڪمار خلاف وجئي تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري ايف آءِ آر جي ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو،جنهن بعد بااثرن سيٺن عدالت حڪم بعد عدالت مان فرار ٿي ويا. جڏهن ته مبينا تشدد جو شڪار نوجوان وجي ڪمار خلاف درخواست تي ناري مانسي ڪماري واري درخواست تي بہ عدالت حڪم ڏنو تہ ناري جو بيان وٺڻ بعد انهي معاملي جو ڪيس وجئي ڪمار مينگهواڙ ۽ گنيش ڪمار خلاف داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته ايس ايس پي گهوٽڪي پاران خانپورمهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اربيلو سانگري ۽ پوليس اهلڪار پنهل نوحاڻي کي معطل پڻ ڪيو ويو، هوڏانهن عدالت جي اهڙي حڪمن بعد وجي ڪمار جا وارث خانپورمهر ٿاڻي تي پنهنجي وڪيل ۽مٽ مائٽ سان گڏ پهتا جتي وجي ڪمار عدالت حڪم تي پهتا جتي خانپورمهر ٿاڻي تي پهتا جڏهن ته ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير به ٿاڻي تي پهتو جنهن بعد الزام هيٺ آيل بااثرن سيٺن توڙي شهر جا ماڻهو وڏي ۾ پهتا. ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو اختر وسير موجودگي ۾ خانپورمهر ٿاڻي تي تشدد جو شڪار ٿيل وجئي ڪمار مينگهواڙ جي فرياد تي ايس ايڇ او اربيلو سانگري، پوليس اهلڪار پنهل نوحاڻي بااثرن سيٺن 4 ڄڻن بچا رام، امبريش ڪمار، موتي رام ۽ هريش ڪمار ۽ هڪ نامعلوم سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي وجئي ڪمار موقف اختيار ڪيو ته آئون پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ته اتفاق سان منهنجي موٽر سائيڪل سلپ ٿي وئي ۽ اتفاق سان منهنجو هٿ نامعلوم ناري کي لڳي ويو جنهن کانپوءِ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ خانپورمهر ٿاڻي تي پهچايو جتي هنن پوليس کي پيسا ڏئي مون مٿان بدترين تشدد ڪرايو جنهن سبب آئون بيهوش ٿي ويس، هوڏانهن خانپورمهر ٿاڻي تي ناري مانسي ڪماري کي حراسان ڪرڻ ۽فحش ڪرڻ جو ڪيس بہ ناري جي پيءُ سنمک جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تشدد جو شڪار ٿيل وجئي ڪمار ۽ سندس دوست گنيش ڪمار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي،فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار وجئي ۽ گنيش ڪمار منهنجي ڌيءَ سان کي حراسان ڪرڻ ئ فحش حرڪت ڪئي ،آخري اطلاعن تائين ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو