اسلام آباد (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته شهباز گل خانگي ٽي وي تي جيڪو ڪجهه چيو اهو سڀني جي سامهون آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪيس ٺاهڻ راڻا ثناءُ الله جي پاليسي آهي. هنن چيو ته شهباز گل اوورسيز پاڪستاني آهي ۽ ڪمزور آهي ان ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، شهباز گل تي اڳ به تشدد ڪيو ويو ۽ هاڻ حڪومت کيس ٻيهر تشدد ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته 10 محرم تي موبائيل سگنل نه هو، تنهن ڪري شهباز گل لينڊ لائن تان فون ڪيو، شهباز گل خانگي ٽي وي تي جيڪو چيو اهو به سامهون آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اهو معاملو جلد حل ڪيو وڃي، تشدد جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، سموري پارٽي شهباز گل سان گڏ آهي. حڪومت تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري چيو ته توهان شهباز گل جو رمانڊ رڳو تشدد لاءِ چاهيو ٿا، ڪيس ڪمزور آهي ان ڪري حڪومت جا وڪيل دليل ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اميد آهي ته شهباز گل جي اڄ ضمانت ٿي ويندي.










