اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهن جي انا ملڪ ۽ قوم کان وڏي ٿي وئي آهي. يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي هر اداري ۽ طبقي کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته هو ذاتي سياست تي رياست کي اوليت ڏينداسين، قومي سلامتي جي لاءِ اسان کي ان ڪم ۾ هٿ ونڊائڻو پوندو. پاڪستان آرمي ڪندو چوڌري شجاعت حسين چيو ته ادارن کي سياسي ۽ ذاتي ويڙهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ذاتي مفاد لاءِ ناڪاري پروپئگنڊا ڪندڙن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي.صدر مسلم ليگ ق وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهن جي انا ملڪ ۽ قوم کان وڏي ٿي وئي آهي، 14 آگسٽ مطالبو ڪري ٿو ته اسان پنهنجي انا، وڏائي ۽ ضد ڇڏي سياست تي رياست کي اهميت ڏيون.










