دير  ۾ ڌماڪو، پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد

دير ۾ ڌماڪو، پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي دير ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب دير جي علائقي باروال ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، سپاهي ساجد علي شهيد ۽ سپاهي عدنان ممتاز شهيد جو تعلق آزاد ڪشمير سان هو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو