عمران خان پي ٽي آءِ کي مافيا جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ

عمران خان پي ٽي آءِ کي مافيا جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان آمريڪي لابنگ فرم سان معاهدو ڪري پنهنجي پرڏيهي سازش جي نعري کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، هڪ پاسي عمران خان پاڪستاني عوام کي آمريڪا جي خلاف اڪسائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪي پي ڪي جي عوام جا پئسا خرچ ڪري آمريڪا کي ريجهائڻ لاءِ لابنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان منافقت جو عالمي آسڪر ايوارڊ کٽي چڪو آهي. عمران خان پي ٽي آءِ کي هڪ مافيا جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته صدر مملڪت عارف علوي جو پنهنجو پٽ ادارن خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ اڳيان اڳيان آهي. پاڪستاني فوج جي سپريم ڪمانڊر صدر عارف علوي جي پٽ جو ڪردار مذمت جوڳو آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ لاهور ۾ پي ٽي آئي حڪومت پاران قومي جهنڊا لاهي پي ٽي آءِ جا جهنڊا لڳايا پيا وڃن، ان حرڪت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستاني جهنڊا لاهيندڙن 22 ڪروڙ عوام جي توهين ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سازشن کان پاسو ڪن نه ته عوام سندن اهڙو حشر ڪندي جو ھو ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندا. ھن چيو تہ اسرائيلي ۽ ڀارتي پئسن سان اسان پنهنجي ملڪ، پنهنجي ادارن ۽ عوام خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا سين. هن چيو ته ٺڳ عمران خان پاڪستان جي لاءِ ناسور ثابت ٿيو آهي. پي ٽي آءِ جا ساڍن ٽن سالن وارو اقتدار عوام جي لاءِ خوفائتو خواب هو، افسوس جي ڳالھ آهي ته آيف آءِ اي جي فارين فنڊنگ انڪوائريز کان ڀڄڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ کي عدالتن مان اسٽي آرڊرز ملي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو