دادو(ن سنڌيار) ڪي اين شاھ جي ڳوٺ مصري خان چانڊيو جي رهواسين مسمات نظيران ،نياز حسين چانڊيو ۽ نينگر سردار چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس سهرو امداد ۽ چاچا سڪندر ۽ رفيق چانڊيو پاران گهر جي نيڪال ۽ گهٽي جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب سخت پريشان آهيان،تازو پيل برسات سبب منهنجو سڄو ڪک وارو گهر برساتي پاڻي هيٺ اچي ويو جنهن سبب سندس گهر ويس ته سهري ۽ چاچن مارڪٽ ڪري سخت تشدد ڪيو،هنن چيو ته20 سالن کان ڳوٺ اندر گهر موجود آهي،سهري ۽ چاچن جي اهڙي عمل سبب دادو سيشن ڪورٽ ۾ تحفظ جي درخواست ڏني جنهن بعد دادو ڪورٽ ڪي اين شاھ ٿاڻي وارن کي تحفظ ڏيڻ جو ليٽر ڏنو جيڪو منهنجا ڀائر اظهر ۽ مظهر چانڊيو ٿاڻي تي کڻي وڃي رهيا هئا ته چاچن رستو روڪي منهنجي ٻنهي ڀائرن تي تشدد ڪري گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي،جنهن سبب منهنجا گهرڀاتي خوف واري زندگي گذاري رهيا آهن،ڳوٺ جي بااثر جي سپورٽ هجڻ ڪري ڪي اين شاھ پوليس ۽ ٻوڙي پوليس سهري ۽ چاچن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران اسان کي ذهني ۽ جسماني طور پريشان ڪري رهي آهي،منهنجو والد اعجاز علي چانڊيو پيرسن آهي جيڪو گڙدن جي تڪليف سبب گهر جي بستري تي پيل آهي جنهن جو علاج ڪرائڻ ۾ پڻ تڪليف اچي رهي آهي،هنن چيو ته پيپلز پارٽي جو مقامي اڳواڻ ظفر چانڊيو منهنجي سهري ۽ چاچن جي ڌر بڻيل آهي،گهر تي حملي سبب دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،ڪي اين شاھ ۽ ٻوڙي پوليس الٽو اسان کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،پريس ڪانفرنس ڪندڙ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسان کي تحفظ ڏئي تشدد ڪندڙ مٿان ڪيس داخل ڪري بند ڪيل رستو ۽ گهر جو نيڪال کولرائي ڏنو وڃي ـ










