عمران خان جي لفظن مان لڳي ٿو ته هو ڪنهن مذموم مشن تي آهي، شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ملڪ خلاف بيانيه اختيار ڪيو آهي. شرجيل ميمڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اڄڪلهه رڳو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان رڳو پنهنجي پسند جي صحافين سان ڳالهائيندو آهي. شرجيل ميمڻ سوال اٿاريو ته توشه خانه ريفرنس عمران خان خلاف ڇو نه ٺاهيو وڃي، عمران خان خلاف نيب ڪيس ڇو نه ٺاهيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته شهباز گل جو بيان پي ٽي آءِ جي پاليسي ناهي، شو ڪاز ڇو نه ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ طالبان هڪ سازش تحت سرگرم ٿي ويا آهن. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته اتحادين جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.اها ڳالهه سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.سنڌ جي اطلاعات واري وزير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهر قائد ۾ روڊن جي ڍانچي کي به بهتر ڪيو پيو وڃي.شرجيل انعام ميمڻ جو اهو به چوڻ آهي ته برساتون ختم ٿيون ته روڊن تي ڪم ٿيندو نظر ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو