تعلقه اسپتال ۾ فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن جو ڌرڻو، انتظاميا خلاف نعريبازي

مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند تعلقه اسپتال ۾ 4 ڏينهن اڳ فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن جو نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو انتظاميا خلاف نعريبازي تفصيل موجب مانجهند جي تعلقه اسپتال ۾ گذريل 4 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر ۽ عملونه هئڻ سبب مبينا تڙپي تڙپي فوت ٿيل ٿيليسيميا جي مريض ٻارڙي شاهد حاجاڻو جي وارثن جو انتظاميا خلاف اسپتال جي گيٽ آڏو 3 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي والد الله بخش حاجاڻو سانوڻ حاجاڻو اسلم حاجاڻو ايس يو پي اڳواڻ يوسف عمراڻي ن ليگ جي لياقت علي ملاح پ ٽ آء جي محمد علي ڳنڀير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت مانجهند تعلقي اسپتال جي ايم ايس جي بدانتظامي سبب ڪوبه ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيڪل عملو نه هئڻ سبب سندن ٻارڙو تڙپي رهيو هو پر ايمبولنس جي تيل لاء 5 هزار گهريا ويا جيڪي نه هئڻ سبب ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هنن وڌيڪ چيو ت اسپتال ۾ عوام سان وڏو ظلم ڪيو وڃي ٿو بجيٽ ۾ وڏي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي جيڪو ظلم بند ڪيو وڃي ڌرڻي ۾ ايس يو پي ن ليگ پ ٽ آءجي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر منظور شاه مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ ختم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري باقي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو