شهباز گل سڀ ڪجهه عمران خان جي چوڻ تي چيو: شرجيل ميمڻ

شهباز گل سڀ ڪجهه عمران خان جي چوڻ تي چيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته شهباز گل ٽي وي تي ويهي جيڪو ڪجهه چيو، اهو عمران خان جي چوڻ تي چيو، جڏهن ته عمران خان جنگ ۽ جهاد جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ۽ سندس پوئلڳن جو ايجنڊا پاڪستان خلاف آهي، هو ملڪ جي اهم ادارن خلاف ڏينهن رات گھنون سازشون ڪري رهيا آهن.ٻئي طرف سعيد غني چيو آهي ته عمران نيازي پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي.ان کانسواءِ خورشيد شاهه چيو ته شهباز گل ۽ ٻين ٽوئيٽس جي پويان عمران خان آهي. عمران خان رڳو عوام کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو