اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ بنا ککڙي واري انب جي ورائٽي متعارف ڪرائي وئي آهي. وفاقي گادي واري شهر جي سينٽارس مال ۾ جمع تي شروع ٿيل ٽن ڏينهن واري انبن جي ورائٽيز بابت انب ميلو شروع ٿيو جيڪو آچر تي پڄاڻي تي پهچندو. ميلي ۾ مختلف انبن جون جنسون متعارف ڪرايون ويون. ابو ظهبي جي سفير عبيد ابراهيم سليم الزيبي ميلي جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ پنجاب جي زراعت جي وزير ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين به شرڪت ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين چيو ته سيڪورٽي سبب جي ڪري ٻاهرين دنيا جا دوست باغن م ٿيندڙ نمائشن ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهن.

تنهن ڪري اسلام آباد ۾ ميلو منعقد ڪيو ويو. هن چيو ته بنا ککڙي واري انب جي جنس حادثاتي طور ملتان جي شجاع آبد واري علائقي ۾ نجي باغ جي مالڪ تيار ڪئي. هاڻي ان تي ملتان مينگو انسٽيٽيوٽ وڌيڪ تحقيق ڪري پيو ۽ ٻن کان ٽن سالن ۾ اها جنس ماڪريٽ ۾ دستياب هوندي. ملتان مينگو انسٽيٽيوٽ ۽ پير مهر علي شاهه باراني زرعي يونيورسٽي پاران منعقد ڪيل هن ميلي ۾ مقررن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 17 لک ٽن انب پيد ٿيندا آهن ۽ 64112 ٽن انب هر سال ٻاهر موڪليا ويند آهن.











وڏي آساني سان اخبار پڙھون ٿا علائقائي توڙي ملڪي خبرن کان باخبر رھون ٿا ـ لک ٿورا اعجاز سائين جا