فوجي قافلي تي خود ڪش حملو 4 جوان شهيد

فوجي قافلي تي خود ڪش حملو 4 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي ترجمان بڌايو آهي ته خيبرپختونخواهه جي اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي ۾ فوجي قافلي تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا آهن. شهيد ٿيل سپاهين جي سڃاڻپ 22 ورهين جو لانس نائيڪ شاهزيب، مانسهره جو رهواسي 26 ورهين جو لانس نائيڪ سجاد، غذر جو رهواسي 25 ورهين جو سپاهي عمير ۽ ڪوهاٽ جو رهواسي 30 ورهين جو سپاهي عمير ۽ 30سالن جو سپاهي خرم نارووال جو رهواسي هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب انٽيليجنس ادارن خودڪش بمبار ۽ سندس سهولتڪارن بابت تفصيلي معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن گهرو کاتي جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن شهيد جوانن کي خراج پيش ڪندي چيو ته وطن لاءِ قرباني ڏيندڙ عظيم آهن ۽ فوجي جوان اهڙن هملن کان ڊڄڻ وارا نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو