شهناز گل سلمان خان جي فلم مان ٻاهر، هڪ ٻئي کي اَنفالو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا شهناز گل بالي ووڊ سپر اسٽار ۽ بگ باس جي ميزبان سلمان خان کي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان انفالو ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته شهناز گل، جنهن فلمي دنيا ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز سلمان خان جي فلم ”ڪڀي عيد ڪڏهن ديوالي“ سان ڪيو هو، هن کي هاڻي فلم مان خارج ڪيو ويو آهي.ڀارتي ويب سائيٽ ٽيلي چاڪر پنهنجي رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته شهناز هاڻي سلمان جي فلم ۾ نظر نه ايندي، پر رپورٽن ۾ ڪنهن سبب جو ذڪر ناهي ڪيو ويو.ٻئي طرف جيڪڏهن انسٽاگرام جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اداڪارا شهناز گل جنهن جا 11.7 ملين فالوورز آهن، پنهنجي اڪائونٽ مان صرف 11 شخصيتن کي فالو ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سلمان خان شامل ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو