ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي هڪ سئو کان وڌيڪ صفائي واري عملي پاران کين جولائي مهيني جون پگهارون نه ملڻ، ٽائون ملازمن جي پگهارن مان ٿيندڙ 6 کان 16 هزار روپيا ڪٽوتي خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٽائون آفيس اڳيان ڌرڻو. خبر موجب ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن ايمپلائز يونين جي اڳواڻن سليم ميمڻ، حبيب پنهور، پپي ڀنگي ۽ هيمي ڀنگي جي اڳواڻي ٽائون ڪميٽي جي عارضي آفيس اڳيان ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايمپلائز يونين جي اڳواڻن سليم ميمڻ، سخاوت بلوچ ۽ پپي ڀنگي ٻڌايو ته محرم الحرام جي مھيني ۾ پگهارن جي قسط جاري ٿيڻ بعد به ٽائون انتظاميا پگهارون نه ڪيون آهن. ٽائون انتظاميا گذريل مهيني جيان هن مهيني ۾ ملازمن جي پگهارن مان 6 کان 16 هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ چاهي ٿي. جنهن ڪري اڃان تائين ملازمن جون پگهارون نه ڪيون ويون آهن. هنن ٻڌايو ته اسان پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ٽائون چيئرمين کي دانهن ڏني ته هن اسان کي گٿا لفظ ڳالهائي ۽ ڌاٻا ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته جيستائين بنا ڪٽوتي پگهار نٿو ملي تيستائين صفائي وارو عملو شهر ۾ صفائي نه ڪندو.










