اسلام آباد(بيورو)حڪومت واپارين کان بجلي جي بلن سميت ٽيڪس وصولي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب واپارين جي بجلي جي بلن سميت ٽيڪس وصولي ختم ڪرڻ جو فيصلو ن ليگ جي اعليٰ قيادت جي حڪم تي ڪيو ويو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن سان گڏ ٽيڪس گڏ ڪرڻ سان ساليانو 30 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪرڻو پوندو هو پر هاڻي ٻين شعبن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪري 30 ارب رپين جو اضافي ٽيڪس پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي ٻين شعبن تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.










