اسلام آباد(بيورو)حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف عاشورا جي موقعي تي ٻن موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.ڪابينا ڊويزن ٻن موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سومر 8 ۽ اڱارو 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي.










