بالي ووڊ ۾ جنس پرستي جو نشانو بڻيل آهيان: عاليا ڀٽ

بالي ووڊ ۾ جنس پرستي جو نشانو بڻيل آهيان: عاليا ڀٽ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ ماضي ۾ فلم انڊسٽري ۾ جنسي تعصب جو نشانو بڻجڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب عاليا ڀٽ هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته شروعات ۾ اها خبر نه هئي ته مون سان جنس جي بنياد تي امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي.عاليا ڀٽ جو چوڻ هو ته مان ان شيءِ سان هر گذرندڙ وقت سان وڙهندي رهيس ۽ ڪيترائي ڀيرا ان کي نظرانداز ڪيو پر هاڻي ان بابت ڄاڻڻ کانپوءِ ماضي بابت سوچيندي آهيان.هن چيو ته هاڻي مان ان حوالي سان وڌيڪ حساس ٿي چڪي آهيان، ڪڏهن ڪڏهن منهنجا دوست به مون کان پڇندا آهن ته مان فوري طور گرم ڇو ٿي وڃان.عاليا ڀٽ جي فلم ڊارلنگز 5 آگسٽ تي نيٽ فلڪس تي رليز ٿيندي. مداح ان جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو