لنڊن (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ڪمن ويلٿ گيمز ۾ ميڊلز جي صدي سينچري ڪري ورتي آهي.آسٽريلوي رانديگر هن وقت تائين 42 گولڊ، 32 سلور ۽ 32 برونز ميڊلز سان گڏ ڪل 106 ميڊل کٽي چڪا آهن.رپورٽن مطابق انگلينڊ 31 گولڊ ميڊلز سميت 86 ميڊلز کٽي چڪو آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ 26 ميڊلن سان ٽئين نمبر تي آهي.ميڊلز ٽيبل تي ڪئناڊا چوٿين، ڏکڻ آفريڪا پنجين ۽ ڀارت ڇهين نمبر تي آهي، پاڪستاني رانديگر هن وقت تائين ڪو ميڊل نه کٽي سگهيا آهن.










