نوشهروفيروز (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد تاشفين ميمڻ اڄ نوشهروفيروز شهر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن محرم الحرام جي مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽ جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته روٽ تي برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن شهر جي مختلف علائقن، سيد محلا، مرڪزي امام بارگاه، سيد اسماعيل شاهه قبرستان، فوڊ گودام، اسٽيشن روڊ، نيشنل بئنڪ مين روڊ، الله والا چوڪ ۽ مٺياڻي روڊ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٽائون آفيسر نوشهروفيروز شجر الدين صديقي کي شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ برساتي پاڻي جي فوري نيڪالي جا حڪم جاري ڪندي چيو ته شهر جي سمورن ٿاڻن جي گهٽين ۽ روڊن تان برساتي پاڻي جي نيڪال جا انتظام ڪيا وڃن. ٻن ڏينهن کان پوءِ هو پاڻ وري انهن علائقن جو معائنو ڪندو. ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ (ايم اينڊ او) منظور احمد بروهي کي روڊن تي بيٺل نالن ۽ نالن جي صفائي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جا حڪم جاري ڪيا.










