اسلام آباد(بيورو)چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ڪنهن اداري جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي پر ادارن جي پويان بيٺا آهيون، اسان جي عمل جي نتيجي ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ٿيون.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ خيبر يونيورسٽي جي شاگردياڻي جي داخلا رد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اهم رمارڪس ڏنا جنهن ۾ هن چيو ته ادارن جو ڪم نه ڪنداسين، انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، پنجاب جي تازين چونڊن ۾ به اسان اهو ئي ڪيو.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان ڪنهن اداري جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي پر ادارن جي پويان بيٺا آهيون، اسان جي عمل جي نتيجي ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ٿيون.










