آمريڪا ۾ به طوفان ايندا آهن، ريسڪيو ۾ وقت لڳندو آهي: فرح عظيم شاهه

آمريڪا ۾ به طوفان ايندا آهن، ريسڪيو ۾ وقت لڳندو آهي: فرح عظيم شاهه

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت جي ترجمان ڳالهائيندي صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ امدادي ڪمن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ڳالهائيندي فرح عظيم شاهه چيو ته آمريڪا ۾ به طوفان ايندا آهن، ريسڪيو ۾ ٿورو وقت لڳندو آهي.هن چيو ته وزيراعظم بلوچستان جا ٻه دورا ڪري چڪو آهي ۽ آرمي چيف سان به رابطي ۾ آهي، ڪجهه مهينن ۾ بلوچستان لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪنداسين، اسان سمورين اين جي اوز کي گڏ ڪري رهيا آهيون، ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين. بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ريسڪيو آپريشن وڏي حد تائين مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ امدادي آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي-ڪوئيٽا هاءِ وي کي کوليو ويو آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته متاثرن جي بحالي تائين اسان جون پگهارون فنڊ ۾ وينديون.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 136 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ 56 مرد، 47 ٻار ۽ 33 عورتون شامل آهن، جڏهن ته برساتن دوران مختلف واقعن ۾ 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو