ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)جيئي سنڌ محاذ طرفان افغاني ۽ ٻين ڌارين جي نيڪالي لاءِ پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي اين ڊي پي صدر ممتاز بروھي پنھل جمالي ممتاز آريسر ۽ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الفتح چوڪ کان سيرت النبي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي کي خطاب ڪندي محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته ڌارين جي آبادڪاري جي ذريعي اقليت ۾ شامل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي لکين پناهگيرن کي سنڌ جي مٿان مصلت ڪري اسان جو قومي وجود ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ملڪ ٺهڻ کان وٺي هٿرادو طريقي سان پناهگير آڻي سنڌ ۾ منظم ڪيا ويا نتيجي طور اڄ سنڌ ۾ 38 سيڪڙو ڌارين جي آبادي آهي جنهن سان اهو خطرو پيدا ٿيو آهي ته ڌرتي ڌڻي پنهنجو وطن وڃائي ويهندا افغاني توڙي پختون سنڌ ۾ بدامني ۽ دهشتگردي جو ڪارڻ بڻيل آهن منشيات هٿيار کپائڻ ۽ اغوا با۽ تائيوان جهڙن غير قانوني ڌنڌن ۾ ملوث آهن جن سنڌ جي جنت جهڙي ڌرتي کي وانا وزيرستان ۽ جلال آباد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي پرامن سنڌي پٺاڻن جي هٿان قتل پيا ٿين بلاول ڪاڪا کي بي قصور شهيد ڪيو ويو ارشاد رانجهاڻي بابر ميراڻي ڪامران چانڊيو سميت اسان جا ڪيترائي نوجوان پٺاڻن جي گولين جو کاڄ ٿيا آهن پختون ليڊر شپ پنهنجي دهشتگرد افغاني ڪميونٽي کي سنڌ ۾ برابري جو حصيدار سمجهن ٿا سندن اهيا سوچ غنڊا گردي تي ٻڌل آهي سنڌ صرف سنڌين جو تاريخي وطن آهي پيپلزپارٽي افغانين سميت سڀني ڌارين کي جي ۾ جايون ڏيندي سندن پرورش ۽ پالنا ڪري رهي آهي جنهن سان سندس غداري ۽ وطن فروشي ظاهر ٿي پئي آهي غازي ڳوٺ پيپلزپارٽي جي سرپرستي ۾ ڊاهي پٽ ڪيو ويو بحريه ٽائون سميت سنڌ جون قيمتي زمينون پيپلزپارٽي ملڪ رياض جهڙن قاتلن کي وڪڻي ڏنيون ويون ۽ ابراج گروپ ذريعي ڪي اي سي جي صورت ۾ سنڌ جي ملڪيت خرچ ڪري عمران خان جهڙا جڙتو ليڊر پيدا ڪيا ويا وطن جا مالڪ سجاڳ ٿين ڌارين کي ھرگز برداشت نه ڪنداسين ان موقعي تي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ افغاني پناهگيرن ۽ ٻين غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ،شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن جي قانوني ۽ آئيني حقن جي پائمالي بابت فيصلو تہ ورھين کان موجود آهي پر ان تي اختيار ڌڻين ھيل تائين عمل ناھي ڪيو.ڪالھ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني افغاني پناهگيرن ۽ ٻين پرڏيھين کي صوبي مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي جيڪا نھايت خوش آئند آھي پر اھو رڳو بيان نہ ھجڻ کپي ،عملي طرح اڳڀرائي پڻ ٿيڻ گھرجي.ڇو تہ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي ،کين ووٽ جو حق ،ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ ھتي نوڪريون ڏيڻ وارو حق نہ ڏيڻ بابت قانون سازي ڪرڻ بابت سنڌ واسين جو مطالبو سؤ سيڪڙو جائز آهي ،ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ ان تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ترت عمل ڪيو وڃي. اين ڊي پي صدر ممتاز علي بروھي خطاب ڪندي چيو ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي ڌرتي ڌڻين کي تنگ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ان موقعي تي پنھل جمالي ممتاز آريسر زاھد جسڪاڻي راوت خان چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو










