عمران آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو: بلاول

عمران آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو: بلاول

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي پاليسي بابت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تاشقند ۾ موجود پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته عمران خان اتحادي حڪومت تي تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ڪمزور ٿي وئي آهي، ان تي اوهان ڇا جواب ڏيندا؟صحافي جي سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي دعوائن ۾ ڪا به سچائي ناهي، هو پنهنجي عوام لاءِ معاشي موقعا ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هو آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جڏهن حڪومت ۾ هو ته آمريڪا سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن عمران خان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته اسان جو ڪهڙو قصور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو