ٽي مهينا اڳ قتل ٿي ويل  نوجوان جو قاتل گرفتار

ٽي مهينا اڳ قتل ٿي ويل نوجوان جو قاتل گرفتار

خانواهڻ (ن سنڌيار) خانواھڻ ڀرسان زميني تڪرار تان ٽي مھينا اڳ ٻن سڳن ڀائرن جي قتل جو گھربل جوابدار گرفتار خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادن خان مري ڀرسان ڪونڌر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تقريبن ٽي مھينا اڳ ٿيل جھيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه سڳا ڀائر 32 ورهين جو جاويد علي ڪونڌر ۽ 28 ورهين جو سجاد علي ولد عبدالقيوم ڪونڌر ٿڏي تي مارجي ويا ھئا جنھن جي ايف آء آر خانواھڻ ٿاڻي تي گناھ نمبر 38/2022 تحت چئن جوابدارن تي داخل ڪئي وئي ھئي جنھن مان ايس ايڇ او پڊعيدن منير احمد لغاري خفيه اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري ايف آء آر ۾ گھربل هڪ جوابدار عبدالڪريم ڪونڌر کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ايس ايڇ او پڊعيدن منير احمد لغاري سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو تہ مونکي خفيا اطلاع مليو تہ قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار موجود آھي ۽ مون ريٽ ڪري کيس گرفتار ڪيو آھي وڌيڪ جاچ لاء خانواھڻ پوليس حوالي ڪيو ويندو ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو