اچو ته سينيٽ مان هڪٻئي خلاف رٿون واپس وٺون، حڪومت

اچو ته سينيٽ مان هڪٻئي خلاف رٿون واپس وٺون، حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سرڪار اپوزيشن کي پيشڪش ڪندي چيو آهي ته اچو هڪٻئي خلاف سينيٽ ۾ عدم اعتماد جون رٿون واپس وٺي ايوان جو مان مٿانهون ڪريون. اهڙي آڇ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان عالياڻي ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز جي سربراهي ۾ حڪومتي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ ڪئي آهي. مولانا کين معذرت ڪندي چيو ته هو اڪيلو فيصلو نٿو ڪري سگهي. حڪومتي ٽيم اپوزيشن جي ٻين جماعتن سان به رابطن جو اعلان ڪيو آهي. ايوان بالا سينيٽ ۾ اڪثريت رکندڙ اپوزيشن چيئرمين سينٽ صادق سنجراڻي خلاف ۽ حڪومتي ڌر ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي. حڪومتي ٽيم مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ اپوزيشن پارٽيز کي رٿ واپس وٺڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو  ته هاڻي اپوزيشن ڊگهو سفر طئه ڪري ورتو آهي، حڪومتي وفد جي خواهش پوري ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سينيٽر مرزا آفريدي، ايوب آفريدي ۽ ٻيا به شامل هئا. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته جي يو آءِ ف جي سربراهه سان سينيٽ چيئرمين جي تبديلي واري معاملي تي ڳالهيون ٿيون، اسان موجوده ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ آيا هئاسين، سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ضروري ٿئي پر ڇڪتاڻ نه ٿيڻ گهرجي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان سان بلوچستان جي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون، سينيٽ چيئرمين لاءِ هونئن به ڏيڍ يا ٻن سالن کانپوءِ چونڊون ٿينديون، اسان اهڙا قدم کڻڻ گهرون ٿا، جِن ذريعي حالتون بهتري ڏانهن وڃن. صادق سنجراڻي پنهنجي عهدي کي سٺي نموني هلايو آهي، ڪجهه اختلافن جي ڪري ايوان ۾ غلط روايت نه وجهڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته سينيٽ ۾ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ اچي چڪي آهي ۽ اُن جو فيصلو اي پي سي ۾ ڪيو ويو هو، اپوزيشن ڊگهو سفر طئي ڪري چڪي آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حڪومتي وفد جي خواهش پوري ڪريون. اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو