ڪراچي (بيورو)سنڌ ۾ تازين برساتن سبب دستن ۽ گڙدن جي مرضن ۾ اضافو ٿيو آهي.سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل 5 مهينن دوران سنڌ ۾ 5 لک کان وڌيڪ ٻار دستن ۽ پيچش جي مرض ۾ مبتلا ٿيا، 5 سالن کان گهٽ عمر جا 2 لک 8 هزار 911 ٻار ۽ پنجن سالن کان مٿي عمر جا 2 لک 42 هزار 642 ٻار هن مرض ۾ مبتلا ٿيا،سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب 56 هزار کان وڌيڪ ٻار پيٽ جي شڪايتن سان اسپتال پهتا، جڏهن ته تازين برساتن سبب مريضن جو انگ وڌي ويو آهي.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 85 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا ڊائريا جو شڪار ٿيا، سڀ کان وڌيڪ 28 هزار ڪيس ڏکڻ ضلعي ۾ جڏهن ته سڀ کان گهٽ 4 هزار ڪيس ڪياماڙي ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب موجوده موسم ۾ کائڻ پيئڻ ۾ احتياط انتهائي ضروري آهي ۽ سڙيل ميون ۽ ڀاڄين کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي.










