اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي نظرثاني واري درخواست واپس موڪلي ڇڏي.سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس بابت رجسٽرار آفيس جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي اعتراض واريندي ان کي واپس ڪري ڇڏيو.عدالت پاران اٿاريل اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل ريفرنس تي ڏنل فيصلي تي نظرثاني جي درخواست قابل سماعت نه آهي، صدر طرفان آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس موڪليو ويو هو اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته صدر طرفان آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو آهي، ڪنهن به آرٽيڪل جي تشريح جو معاملو سپريم ڪورٽ ۽ صدر جي وچ ۾ هوندو آهي، جڏهن ته فيصلي تي نظرثاني جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل آهي. صدارتي ريفرنس قابل قبول ناهي..










