فل ڪورٽ جو مطالبو مناسب ناهي: حامد خان

فل ڪورٽ جو مطالبو مناسب ناهي: حامد خان

ڪراچي (م ڊ)سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر حامد خان جو چوڻ آهي ته فل ڪورٽ جو مطالبو مناسب ناهي.ڳالهائيندي حامد خان چيو ته اڳ فيصلو 5 ججن تي ٻڌل بينچ ڪيو هو، مناسب آهي ته 5 ججن جي بينچ ٺاهي وڃي.هن چيو ته آئين چوي ٿو ته پارلياماني ڪميٽي فيصلو ڪندي ته ڪنهن کي ووٽ ڏيڻو آهي، آئين ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ناهي، جيڪو ڪجهه ٿيڻو آهي اهو آئين ۾ ئي ٿيڻو آهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر جي عهدي خلاف ڳالهائڻ آئين خلاف هوندو.حامد خان جو اهو به چوڻ آهي ته صدر ٻڌائي ته آئين ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ڪٿي لکيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو