ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.گلبرگ، لياقت آباد، ايم اي جناح روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي وقفي وقفي سان برسات ٿي رهي آهي. ان کان علاوه لانڍي، ڪورنگي نصيرآباد، يونيورسٽي روڊ، ملير، پي آءِ بي، ناظم آباد ۾ به برسات جاري آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ منجهند ۽ شام تائين برسات جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.موسميات کاتي شهرين کي غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڪراچي ۾ هڪ ٻي طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي پر گذريل برسات جا آثار اڃا تائين موجود آهن، روڊن جا ڍير اڃا تائين نه ڀريا ويا آهن.










