نون ليگ عدليا کي نشاني  تي رکي ڇڏيو: شيخ رشيد

نون ليگ عدليا کي نشاني تي رکي ڇڏيو: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو)عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد وزير اعظم شهباز شريف جي پٽ حمزه شهباز کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي ناراض ٿي ويو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڏيڍ مهيني ۾ ٻه ڀيرا پنجاب جي وڏي وزير حلف کنيو ۽ ٽئين جي تياري جاري آهي، معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام کان وڏو ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو.هن لکيو ته هڪ هفتي ۾ ڊالر 20 رپيا مهانگو ٿيو آهي ۽ مفتاح اسماعيل ايل پي جي تي ليوي به وڌائي ڇڏيو آهي.شيخ رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ن ليگ پاڪستان جي آخري اميد عدليه کي نشانو بڻائي ڇڏيو آهي، فضل الرحمان ۽ آصف زرداري هليا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو