برساتي ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي نه ڪڍرائڻ خلاف شهرين جو احتجاج

برساتي ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي نه ڪڍرائڻ خلاف شهرين جو احتجاج

نوشهروفيروز(ن سنڌيار)نوشهرو فيروز شهر مان برساتي ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي نه ڪڍرائڻ خلاف شهرين ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، سهيل منگي ۽ ٻين ڪئي مظاهري دوران هنن چيو ته شهر جا روڊ رستا اسڪول مئن سول اسپتال سميت هر طرف پاڻي جا تلاءَ بيٺا آھن ۽ ڪرپٽ آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن. اللّٰه وارو چوڪ، مٺياڻي روڊ، الریاض ڪالوني، اسٽیشن روڊ، پڊعیدن روڊ گندي پاڻي ۾ ڀرجڻ ڪري شهري سخت ڏچي جڏهن ته ماهوار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ ويزا سسٽم تي وائيٽ ڪالر سوئيپر ۽ ڪلرڪ گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا انهن کان به منٿليون اوڳاڙيون وڃن ٿيون هنن ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو