ٻنون ۾ صحت سھولتون نه ملڻ خلاف شهرين جو احتجاج

ٻنون ۾ صحت سھولتون نه ملڻ خلاف شهرين جو احتجاج

دڙو (ن سنڌيار) دڙو: ٻنون ۾ عوام کي صحت جون گھربل سھولتون نہ ملڻ خلاف شھري رستن تي نڪري آيا، سخت احتجاج، سنڌ حڪومت، صحت کاتي ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گھر، رپورٽ موجب ٻنون ۾ عوام کي صحت سھولتون نہ ملڻ ۽ سرڪاري صحت مرڪز کي مبينا طور ڪمرشل بنيادن تي ھلائڻ خلاف ٻنون جي شھرين ابراھيم عباسي، يوسف ملاح، ظھور قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن بيسڪ ھيلٿ سينٽر سامھون سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ظھور قاضي، ابراھيم عباسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ٻنون ۽ ڀرپاسي جي ھزارين رھواسين لاء سرڪار پاران قائم ڪيل ٻنون جو سرڪاري صحت مرڪز ھن وقت عوام کي صحت جون سھولتون ڏيڻ بدران ان کي ڪمرشل بنيادن تي ھلايو پيو وڃي، اسپتال کي ملندڙ دوائون عوام کي ڏيڻ بدران وڪرو ڪيون پيون وڃن ، اسپتال کي مليل ايمبولنس گاڏي چند ماڻھن جي استعمال ھيٺ آھي، جڏھن تہ سرڪاري اسپتال کي مليل ھيوي سولر سسٽم پڻ ڪاروباري بنيادن تي استعمال ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو تہ اسپتال ۾ مقرر عملي جو علاج لاء ايندڙ غريب مريضن سان رويو انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، ھنن سنڌ حڪومت، صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عزرا پيچو، ڊي سي سجاول ۽ پي پي ايڇ آئي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي تہ ٻنون جي سرڪاري اسپتال ۾ عوام کي صحت جون سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو