ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ 2022 سريلنڪا کان يو اي اي منتقل ٿيڻ کانپوءِ تاريخن ۾ تبديلي تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب ايشيا ڪپ جي ميزباني سريلنڪا وٽ آهي پر ايونٽ يو اي اي ۾ ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ايشيا ڪپ نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايشيا ڪپ جي حوالي سان سريلنڪا ڪرڪيٽ، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ امارات ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، ٽيئي پارٽيون هڪ ٻئي جي مشاورت سان شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته امارات ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ جلد شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن موجب ايونٽ 24 آگسٽ کان 10 سيپٽمبر تائين ٿي سگهي ٿو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٽيون پارٽيون ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پراميد آهن.










