سلطانپور(محمود مهر) ڳوٺ رحمت الله آرائين جي ڳوٺاڻن جو سلطانپور ڪينٽ پولیس جي مبينه ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. محمد رمضان آرائين، محمد اسلم آرائين، عاشق علي آرائين رخسانہ بيبي ۽ فرزانہ بيبي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو پاڻ ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿيو هو جنهن کي اسين پاڻ ۾ ويهي حل ڪري ڇڏيو هو پر سلطانپور پوليس ڪنهن بااثرن جي چرچ ۽ پئسن جي لالچ تي اسان کي هروڀرو تنگ ڪري رهي آهي هنن دانهيندي چيو ته گذريل رات سلطانپور پوليس چادر چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي اسان جي گهرن ۾ گهڙي پئي هنن الزام مڙهيندي چيو ته سلطانپور ڪينٽ پولیس جو اي ايس آء درگاهي سمائر ۽ ٻين پوليس اهلڪارن عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ روڪ رقم ۽ سونا زيور ٻهاري وئي آهي. هنن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته سلطانپور ڪينٽ پولیس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي










