لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پئسا ڏيڻ جو الزام ڊرامو آهي، 17 جولاءِ جي چونڊن کان اڳ جو الزام هو ته ايم ڪيو ايم ۽ يو آءِ جي دھاندلي ڪندا. ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارا 10 سيٽون کڻي پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ لاءِ تيار نه آهن، انهن مان ڪي وڏي وزير جا اميدوار آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي اندر انتشار جو خطرو آهي ان ڪري هو ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پنجاب ۾ (ن) ليگ جي حڪومت آهي، اسان وٽ 7 سيٽون آهن، آصف زرداري پئسا ڇو ڏيندو، حمزا شهباز جي حڪومت بچائڻ لاءِ سمورا جمهوري طريقا استعمال ڪندا.










