پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ وارو حق ڏيارڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل

پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ وارو حق ڏيارڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل

اسلام آ باد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. شيخ رشيد طرفان داخل درخواست ۾ وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. اڳوڻي گهرو وزير جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 94 ۾ ڪيل ترميم کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو وڃي. شيخ رشيد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سڄي دنيا ۾ 9 لک اوورسيز پاڪستاني آهن. سندن درخواست ۾ چيو آهي ته قانون ساز اسيمبلي اوورسيز پاڪستانين جي ووٽن لاءِ پائلٽ پراجيڪٽ هلائڻ جو چيو آهي، جڏهن ته پائلٽ پراجيڪٽ اقتصادي يا ڪمرشل معاملن ۾ ڪيا ويندا آهن. هن درخواست ۾ چيو ته آرٽيڪل 218 تحت صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، حڪومت جو اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم آرٽيڪل 218، 219 ۽ 222 جي ڀڃڪڙي آهي.درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو