توهان جو ووٽ توهان جي طاقت آهي: وزيراعظم

توهان جو ووٽ توهان جي طاقت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو)ننڍي چونڊ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوهان جو ووٽ اوهان جي طاقت آهي، ووٽ ڏيندي عمران نيازي حڪومت جي ڪرپشن ۽ معاشي تباهي بابت ضرور سوچيندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ پاڪستان پنهنجي منزل کان پري ٿي ويو آهي، ان جو اظهار ووٽ ذريعي ڪرڻو پوندو.هن چيو ته پنجاب ۾ 4 سالن کان بدترين حڪمراني ڪئي وئي، شهرين کي مفت دوائن ۽ شاگردن کي اسڪالرشپ کان محروم رکيو ويو.وزيراعظم چيو ته سرڪاري پوسٽون ۽ بدليون کليل طور تي خريد و فروخت ٿي رهيون آهن، شهري سهولتن جي حالت خراب آهي، لاقانونيت عروج تي آهي.هن چيو ته پنجاب جي حالت پنجاب جي عوام لاءِ بي عزتي کان گهٽ ناهي، انتشار، نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست کي ووٽ جي طاقت تي رد ڪيو وڃي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هڪ شخص جي غرور، طرز سياست ۽ نااهلي سماج جي خوبصورتي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي ترقي ۽ پنهنجي ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ ووٽ ڏيو، مون کي توهان جي چونڊ طاقت تي پورو يقين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو