اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جرنيلن ۽ ليڊرن لاءِ يوٽرن تمام ضروري هوندو آهي، غلطي کي سمجهي واپس وڃڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن عدالتون انصاف ڏئي رهيون آهن ته اسان ڪڏهن تباهه نه ٿينداسين، پاڪستان ۾ طاقتور شخص قانون کان مٿي هوندو آهي، ملڪ ۾ ٽن ڊڪٽيٽرن ادارن کي ڪمزور ڪيو، جڏهن هڪ ڊڪٽيٽر پاڻ کي ڊيموڪريٽ بڻائيندو آهي ته ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي سفير چيو جيڪڏهن وزيراعظم کي نه هٽايو ويو ته پاڪستان ڏکيائين کي منهن ڏيندو، ڊونلڊ لو چيو وزيراعظم کي هٽايو ته معاف ڪنداسين، ڇا هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ائين هٽايو ويندو آهي؟ آمريڪي خط جي جاچ ٿيڻ گهرجي ها پر ان کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، آمريڪي خط تي انڪوائري نه ڪئي، ابتو ڌمڪي ٿا ڏين ته عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳي. هن چيو ته صاف شفاف چونڊن کانسواءِ پاڪستان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي، بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿيندا آهن، غلطيون سڀني کان ٿينديون آهن، غلطي کي سمجهي واپس اچڻ گهرجي، جرنيلن ۽ ليڊرن لاءِ يوٽرن ضروري هوندي آهي، اسان فوج کي ڪڏهن ڪمزور نٿا ڏسي سگهون، طاقتور فوج اسان جو اثاثو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جنرل فيض سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي.اسلام آباد ۾ سيمينار سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت عسڪري قيادت جو موقف هو ته عدالتن ۾ دهشتگردي جا ڪيس ثابت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ڪيس ثابت نه ٿيڻ سبب دهشتگرد آجا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ رياست خلاف ڪارروائيون شروع ڪندا آهن. هن چيو ته اسان هڪ نتيجي تي پهچي ويا هئاسين ته هاڻ ڪو مسنگ نه ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ ان جي گهر وارن کي ته خبر هجي ته هو ڪٿي آهي.










