صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي: آءِ جي سنڌ

صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، حيدرآباد واقعي جو 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته سهراب گوڙ ۾ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، امن امان برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سهراب گوڙ واقعي ۾ 40 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 100 کان وڌيڪ حراست ۾ آهن، گرفتار ٿيلن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. غلام نبي ميمڻ چيو ته صوبي ۾ ڪاروبار معمول موجب هلي رهيو آهي، شهرين کي اپيل آهي ته هو افواهن تي ٻڌڻ کان پاسو ڪن. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته حيدرآباد واقعو تڪرار کانپوءِ ٿيو، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو