شهر قائد ۾ ڪوبه روڊ بند نه ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

شهر قائد ۾ ڪوبه روڊ بند نه ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهر قائد ۾ ڪوبه روڊ بند نه ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو وڳوڙي روڊ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جيڪو به سرڪاري يا خانگي ملڪيت کي نقصان پهچائي ٿو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن پوليس کي ٻڌايو ته شهر ۾ افواهون پکڙجي رهيون آهن ته روڊ بند ڪيا ويندا جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ائين هرگز نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حڪومت ان معاملي تي سمورن لاڳاپيل ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سمورن اهڙي قدم کڻڻ تي لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. هن پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ معمول جي زندگي کي يقيني بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ انتظاميه پاران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو