اسلام آباد (بيورو)بلوچستان ۾ مون سون جو نئون اسپيل داخل ٿيڻ بعد صوبي جي وڏي علائقي ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.شيراني، هرنائي، سبي، بولان، ڊيرا بگٽي، ڪوهلو، برخان، موسيٰ خيل ۽ لسبيلا ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ اچي وئي آهي.بلوچستان ۾ خميس کان مون سون برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ برساتن سبب ٻوڏ اچي وئي.بولان درياهه ۾ آيل ٻوڏ سبب مڇ شهر کي قومي شاهراهه سان ڳنڍيندڙ پل ٽٽي وئي، جنهن سبب مڇ جو زميني رابطو ڪٽجي ويو.لسبيلا ۾ برسات سبب ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي جو ڪجهه حصو پاڻي هيٺ اچي ويو، هرنائي ۾ برسات سبب ڪوئيٽا-هرنائي هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.نديءَ ۾ اوچائي سطح تي آيل ٻوڏ سبب سبي شهر ۽ آس پاس جي آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.شيراني، ڊيرا بگٽي، ڪوهلو، برخان، موسيٰ خيل ۽ جبل سليمان ۾ برسات جا اطلاع آهن.موسميات کاتي موجب اڄ (جمعو) سبي، بولان، ڊيرا بگٽي، نصيرآباد، جهل مگسي، خضدار، قلات، لسبيلا، زوب، برخان، مڪران، تربت، آواران، پنجگور، اورماڑه، پسني، گيواڻي ۽ گوادر ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي. هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.










