اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ موسم بهتر ٿيڻ سان بجلي بحران ۾ به گهٽتائي اچي وئي.اين ٽي ڊي سي ذريعن موجب موسم بهتر ٿيڻ ۽ پيداوار وڌڻ سان بجلي بحران ۾ بهتري آئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي طلب گهٽ ٿي 27500 ميگا واٽ تي اچي وئي آهي ۽ هن وقت بجلي جي پيداوار 24 هزار ميگا واٽ آهي، جڏهن ته شارٽ فال 3 هزار ميگا واٽ آهي.ذريعن موجب ننڍن وڏن شهرن ۾ نارمل فيڊرن تي لوڊشيڊنگ ناهي ۽ رڳو هاءِ لاسز فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ليسڪو ترجمان موجب ليسڪو ريجن ۾ بجلي جي طلب ۽ پيداوار 4400 ميگا واٽ آهي ۽ في الحال ليسڪو ريجن ۾ لوڊشيڊنگ جي ضرورت ناهي.










