لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته صدر عارف علوي سميت سڀ مهُرا هئا جيڪي استعمال ٿيا. ن ليگ اڳواڻ مريم نواز پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف رڳو ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي پر مٿن آئين ٽوڙڻ ۽ غداري تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي ته جيئن وري ڪو آئين ٽوڙڻ جي جرئت نه ٿئي. مريم نواز وڌيڪ لکيو ته صدر عارف علوي سميت سڀ مُهرا هئا جيڪي استعمال ٿيا، اصل ڏوهاري ۽ ان سڀ جو ماسٽر مائنڊ عمران خان آهي.










