اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا جا مثبت ڪيس 2 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيا ويا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 هزار 397 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 390 ۾ وائرس جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب پاڪستان ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 175 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










