سون جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي

سون جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ سون جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي آهي، سون جي قيمت ۾ گذريل 9 مهينن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي. سعودي ويب سائيٽ موجب خميس جي ڏينهن سعودي عرب جي سون مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي، 21 قيراط 1 گرام سون 184.30 ريال ۾ وڪرو ٿيو. خميس تي 24 قيراط 1 گرام سون جو اگهه 210.63 ريال جڏهن ته 22 قيراط 1 گرام سون جو اگهه 193.08 ريال هو. 21 قيراط 8 گرام گني جي قيمت 1769.28 ريال جڏهن ته 22 قيراط 8 گرام جي گني جي قيمت 1853.53 ريال ۽ 24 قيراط جي بسڪيٽ جي قيمت 2022.03 ريال هئي. اربع 6 جولاءِ تي سون جي قيمت گذريل 9 مهينن جي رڪارڊ سطح تي اچي وئي، معاشي ماهرن موجب آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سبب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو